پرمانند هرداس مل

پرمانند هرداس مل: پرمانند هرداس مل دادوءَ جي ڀرسان سيالن جي ڳوٺ ۾ اک کولي، مڊل تائين دادوءَ ۾ پڙهيو، پوءِ وڌيڪ تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. سندس خاندان شاهوڪار هو، ان ڪري کيس اعليٰ تعليم لاءِ ممبئيءَ موڪليو ويو، جتان ڪليڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪيائين. اڃا ٽريننگ تي ئي هو ۽ ڳوٺ پئي آيو، رات جي وڳڙي ۾ سيالن واري بند تي ٽانگو ڪلٽي ٿي پيو، جنهنڪري سخت زخمي ٿي پيو ۽ سندس ٻئي ٽنگون ضايع ٿي ويون. ان وقت سندس عمر 28 سال مس هئي، ڪجهه وقت بعد هن ڀائرن کان ملڪيت جو حصو گهريو. ڀائرن کيس هڪ لک ٻاهٺ هزار ڏنا، انهيءَ رقم مان هن زمين خريد ڪري هاءِ اسڪول جي بلڊنگ ٺهرائي. اسڪول جي بلڊنگ ۾ 9 ڪمرا، هڪ مرڪزي هال، هڪ ڊرائينگ هال، سائنس هال ۽ ورانڊو هيو، بلڊنگ تي هڪ لک ڇاونجاهه هزار خرچ آيو هو، ان اسڪول جو نالو پرمانند هرداس هاءِ اسڪول رکيو ويو، پاڻ 1938ع ڌاري وفات ڪري ويو.
جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو ته هن اسڪول جو نالو تبديل ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول رکيو ويو، جڏهن سنڌ جو وڏو وزير سيد عبدالله شاهه ٿيو ته هن ان ڳالهه کي محسوس ڪيو ته اها زيادتي آهي، ته اصل نالا تبديل ڪيا وڃن ۽ هن مذڪوره هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ مرڪزي هال ۾ آفيسرن ۽ شهر جي معززين کي مخاطب ٿي چيائين ته: ”آهي ڪو مرد مجاهد جيڪو اهڙو سينٽرل هال ٺهرائي ڏئي ته آءٌ سندس نالو ان سينٽر هال سان منسوب ڪندس“، هال ۾ ويٺل معززين مان ڪنهن به هائو نه ڪئي، ان تي سيد عبدالله شاهه اعلان ڪيو ته ”اڄ کان پوءِ هن اسڪول جو نالو ان جي باني پرمانند هرداس جي نالي ئي هوندو، آءٌ سڀاڻي ڪراچي وڃي نوٽيفڪيشن ڪڍي موڪليندس“، ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين اسڪول جو نالو پرمانند هرداس مل جي نالي تي قائم ۽ دائم آهي.


لفظ پرمانند هرداس ملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو